ديوان ڪرم

ديوان ڪرم

ديوان ڪرم

ديوان ڪرم (ڪتاب): هي فارسي غزلن جو ديوان ٽالپر حڪمران جي پهرينءَ چوياريءَ جي ٽئين حاڪم مير ڪرم علي خان ٽالپر جو آهي، جنهن کي فارسي ادب جي نامور اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر محمد حسين تسبيحيءَ مرتب ڪيو آهي. ديوان جو پيش لفظ به ڊاڪٽر محمد حسين تسبيحيءَ لکيو آهي. اوائلي ٽالپر حڪمرانن جو احوال مير حيدر علي خان ٽالپر انگريزيءَ ۾ لکيو آهي، جنهن جو فارسي ترجمو تسبيحيءَ جو ڪيل آهي ۽ ديباچو ڊاڪٽر محمد مهدي توسليءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ مير ڪرم علي خان جي ديوان جي اصل نسخي جي عڪس سان ان کي جديد خط ۾ به ڏنو ويو آهي. ديوان جو اصل نسخو ’ڪتابخانه گنج بخش‘ وارن وٽ محفوظ آهي. ڊاڪٽر محمد حسين تسبيحي اصل نسخي کي جديد خط ۾ آڻڻ سان گڏوگڏ هر غزل جي مٿان ان غزل جو عنوان ۽ غزل جو عروضي وزن به ڄاڻايو آهي، جيڪو اصل نسخي ۾ ڄاڻايل نه آهي. ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان 222 صفحن تي مشتمل هي فارسي ديوان ’انجمن فارسي اسلام آباد‘ مان 2003ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 100 روپيا ڄاڻايل آهي.


لفظ ديوان ڪرمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو